پارهيڙي جو شڪار

پارهيڙيءَ جو شڪار: هي پکين جي شڪار جو هڪ طريقو آهي. جنهن ۾ شڪاري پنهنجي مٿي تي ڪنهن وڏي پکي (پيڻ يا ٻئي ڪنهن پکيءَ) جي کل هٿ ڪري ان ۾ ڪپهه يا ٻي ڪا شيءِ ڀري، پکيءَ جي ڪل ٺاهي، پاڻيءَ ۾ ويهي، صرف سسي ٻاهر ڪڍي اهڙي نموني سان هلندو آهي، جيئن پکي سمجهن ته اهو به ڪو پکي آهي. ان کي ’دلبو‘ به چئبو آهي. پارهيڙي آهستي آهستي پکين جي ولر ۾ اچي پاڻيءَ ۾ هيٺان ئي هيٺان پکيءَ کي ٽنگن مان جهلي ٽنگون اکيڙي تي اڇلائيندو ويندو آهي. انهيءَ طريقي سان هو هڪ ئي وقت ۾ تمام گهڻا پکي جهليندو آهي. لطيف سائين فرمايو آهي ته:آءُ اڏامي هنجهڙا، سَرَ ۾ سارينئي،متان مارينئي، پاڙهيري پَهه ڪري.’دلبو‘ منجهه درياهه، پکي پسي آئيا،ويچــارن ويســاهه، آڻــي اُت اڙائيــا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو